عبدالرشيد گبول

عبدالرشيد گبول

عبدالرشيد گبول

عبدالرشيد گبول: ليکڪ ۽ محقق عبدالرشيد گبول 8 جولاءِ 1962ع تي، ڳوٺ صابو خان گبول، تعلقي ميرپورساڪري. ضلعي ٺٽي ۾ حاجي تورپيو گبول جي گهر ۾ جنم ورتو. کيس ادبي حلقي ۾ اي. آر بلوچ جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ميرپور ساڪري مان جڏهن ته انٽر ۽ بي. اي (1992ع) جون ڊگريون ٺٽي ڪاليج مان حاصل ڪيون. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران شاگرد سياست سان وابسته رهيو. سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن (سپاف) ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. 1983ع ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ سياسي سرگرمين سبب ڇھن مھينن تائين جيل ۾ رهيو. 1986ع ڌاري پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ وقت کان اڳ 2016ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هن لکڻ جي شروعات شاگردي واري دؤر کان ڪئي. سياسي ۽ سماجي معاملن تي سندن مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. اسٽيج ڊراما ۽ خاڪا پڻ لکيل اٿس. مختلف سماجي، ادبي فورمن ۽ تنظيمن جو ميمبر به آهي. تاريخ ۽ تحقيق جي موضوع تي پنج ڪتاب ’ميرپورساڪري جي تاريخ‘، ’ساڪرو: ان جا ماڳ ۽ ماڻهو‘، ’ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾‘، ’جيڪو مون ڏٺو ۽ ٻڌو‘ ۽ ’ساڪرو صدين کان‘ ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه سيرت جي موضوع تي سندس هڪ ڪتاب ’ڀلو آيو ڀلارو نبي ﷺ‘ پڻ شايع ٿيل آهي.


لفظ عبدالرشيد گبولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.07.08  عيسوي

عبدالرشيد گبول 8 جولاءِ 1962ع تي ڳوٺ صابو خان گبول، تعلقي ميرپورساڪري ۾ حاجي تورپيو گبول جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حجاب امتياز علي
نسيم ٿيٻو
عابد مظهر ڊاڪٽر
حبيب سنائي
گل محمد شاهه بخاري
رسول بخش درس
شاهه محمد گاڏهي
ابراهيم لاشاري پروفيسر
عاجز ڪريم پوري
رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون